اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪش??ي??ي عوام جي خودمختياري جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪش??ي??ي عوام جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاري انساني حق?? جي خلاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? موجب خودمختياري جي حق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 1989ع کان پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگير?? جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غزالي ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊ?? جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ته ڀارت جي قبضي کي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪش??ي??ي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪش??ي??ي عوام جي حق?? جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجهتي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪش??ي??ي عوام کي انه?? جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ??خل??قي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ مودي حڪومت جي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پوري ڪش??يري قيادت کي ڪش??ي??ي عوام جو آواز دٻائڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پناهگير?? جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي قابض فوج جي غيرقانوني قدمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگير?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انه?? جي مسئل?? جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪش??ير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگير?? جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي پاڪستان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪش??ي??ي عوام جي لاءِ پاڪستا?? جي جاري ??خل??قي، سياسي ۽ سفارتي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پاڪستا?? جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.