اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? سيڪريٽريٽ گهرو وزارت ج?? سيڪريٽري کي چيو آهي ??ه اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبل?? سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي ??انون بابت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي جي ??اعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي ??اعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ??ه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ??ه ش??ر افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، اويس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.