اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئ??ي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي، زهريلا گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت وڻڪاري، ڪلين گرين انرجي، موسمياتي تبديلي بابت آگاهي جي حوالي سان مختلف قدم کنيا آهن. ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي نمائندن ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان زهريلا گئس خارج ڪرڻ جو ذميوار نه آهي ۽ زهريلي گئسن جي عالمي سطح تي خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ان جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي تبدي??ي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جو وڏو ڪِيتو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته بطور هڪ ذميوار ملڪ جي پاڪستان موسمياتي تبديلين جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وڻڪاري مهم، گرين انرجي، موسمياتي تبديلي بابت آگاهي جي حوالي سان حڪومت مختلف قدم کنيا آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئ??ي کي منهن ڏيڻ تي ??ور?? ڌيان ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چيو ته وزيراعظم مح??د شهباز شريف پڻ سدائين موسمياتي تبديلي جي مسئ??ي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي، انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪرايو ويو، ان جو مقصد اهو ئي هو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ سميت موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چيو ته دنيا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو تمام ٿورو آهي پر نقصان سڀ کان وڌيڪ برداشت ڪيو آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان ان مسئ??ي کي منهن ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي. وف??قي وزير زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي مسئ??ي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر شخص کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي حصيدارن جي تعاون جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ملڪ کي مح??وظ بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان رومينه خورشيد عالم سٺي ڪوآرڊينيشن ڪئي آهي ۽ ان ڪوآرڊينيشن جي نتيجي ۾ نه رڳو هن ان مسئ??ي کي ??ور?? دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي پر دنيا کي آگاهه ڪيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان ??ور?? انسانيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ترقي يافته ملڪن، غيرملڪي اين جي اوز ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان ان مسئ??ي کي منهن ڏيڻو آهي ته جيئن موسمياتي تبديلي جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.