اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آهي، جن لکين ??اڻهن کي اڄ انقلاب آڻڻو هو خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول مطابق رهي، پي ٽي آءِ جلسي ??ي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين ??ڊيوز جو سهارو ورتو آهي، ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون. ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي ج?? حوالي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته هن پاڻ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دؤرو ڪيو، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب هئي. هن چيو ته جيڪي لکين ??اڻهو انقلاب آڻڻ لاءِ آيا هئا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا. هن چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب آهي. روزمره زندگي نارمل آهي، اهي لکين ??اڻهو جن کي سمنڊ جي شڪل ۾ نڪرڻو هو اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن چيو ته جلسو ڪرڻ جمهوري حق آهي، انتظاميه پي ٽي آءِ کي جيڪو وقت ڏنو آهي ان مطابق جلسو هئڻ گهرجي. هن چيو ته جلسي ??ي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيو?? فوٽيچز جاري ڪري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت، ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ سان ذهني هم آهنگي رکندڙ اهڙيون ڪوڙيون وڊيوز ڦهلائي ره??ا آهن. هن چيو ته احتساب جاري رهندو، جيڪڏهن هو اهو تاثر قائم ڪرڻ چاهين ??ا ته جلسو ڪري اين آر او ورتو ويندو ته اهو هرگز نه ٿيندو، اوهان کي توشه خانه جو به جواب ڏيڻو پوندو، اوهان کي 190 ملين ??ائونڊ جي ميگا ڪرپشن جو به جواب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي طور تي وڏي ناڪامي آهي، اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته لکين ??اڻهو آڻي ره??ا آهن ـ ٻاهر نڪرڻ جو وقت آيو ته مڪمل طور ناڪام ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي قيادت ٻئي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ان ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.