اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آ??ي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ادارن ۾ سڌارن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪر?? رهيو آ??ي، سندس اڳواڻي ۾ معيشت ٻيهر بحال ٿيندي. اسان پاڪست??ن کي دنيا ۾ معاشي طور تي باوقار ملڪ بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وزير بلال ياسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اڳ ۾ به ناڻي وارو وزير رهيو آهيان، مون کي ڪيتريون ئي ذميواريون مليون آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آ??ي، ته پاڪست??ن کي معاشي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. چيو پئي ويو ته ملڪ ک?? هن ڏکئي وقت مان ڪڍڻ ۾ 10 کان 15 سال لڳندا، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪست??ن کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ صرف ساڍا ٽي سال لڳا. هن چيو ته 2013ع ۾18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، هڪ ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا پيش ايندا هئا. معيشت تباه هئي؛ الله تعاليٰ ڪرم ڪيو ساڍن ٽن سالن ۾ سمورا مسئلا حل ٿيا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي. جهڙي ريت پاڪستان ترقي ڪر?? رهيو آهي؛ جلد ئي جي- 20 ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، جڏهن ته ??ن کانپوءِ ايندڙ چئن سالن ۾ پاڪستان معاشي لحاظ کان 47 هي?? نمبر تي اچي ويو، اهو ڪو ننڍو نقصان نه آ??ي، اڄ جيڪي مسئلا ملڪ ۾ آهن، انهن جو سبب اهو ئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ اسان جي ڪوشش آ??ي، ته معيشت بحال ٿئي ۽ اسان ٻيهر پاڪستانين لاءِ آسانيون پيدا ڪيون. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پار??ن کنيل قدم تعريف جوڳا آهن، جن ۾ هن 40 ارب روپيا رکي ڪري پنجاب جي عوام کي بجلي يونٽس ۾ 14 روپين جو رليف ڏنو آ??ي، ??ن کان اڳ شهباز شريف ڪابينا جي منظوري سان 200 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ 50 ارب روپين جي سبسڊي ڏني هئي. هن چيو ته منهنجو ايمان آ??ي، ته هن ملڪ ک?? مسلمانن جي اڳواڻي ڪرڻي آ??ي، ملڪ ک?? اسان ايٽمي طاقت بڻايو ۽ هاڻي ملڪ ک?? معاشي قوت بڻائينداسين.