اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن ??ي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان هتي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسي??بل?? جي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شهادت ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان وڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت ??ي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شهادت ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فو?? جي پنهنجي ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ميجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.