جده – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پڄاڻي واري غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن غزه ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل سان فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غ??ه ۽ اولهندي ڪناري ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جنگبندي جي فوري ضرورت ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. بيان موجب نائب وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خص??صي ??يلچي جي ڪشميرين جي جائز خودمختياري جي حق جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ اسلامو ف??بي??، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اسلامو ف??بي?? تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خص??صي ??يلچي جي مقرري کي پڻ ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته خص??صي ??يلچي ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ جي مهم کي اڳتي وڌائيندو.