اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ۾ قائم ??ورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ ويمن ڪاڪس ??ي ڪنوينر ڊاڪٽر شاهده رحماني سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ اقليتن لاءِ قومي لابنگ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪرشن شرما، جئه پرڪاش موراڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگهه، رومانه بشير، پرڀو ستياڻي، پشپا ڪ??ار??، حب ڪوڪ گل، شهزاد فرانسيس ۽ هارون سربديال شامل هئا. ملاقات ۾ مذهبي اقليتن کي درپيش مختلف سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايجنڊا جي ٻن اهم نقطن هندو ميريج ايڪٽ ۽ برابر ملڪيتن جي حقن جي ايڪٽ تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو 1973ع جي آئين تحت مذهبي اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. وفد ڊ??ڪٽر شاهده رحماني طرفان ملندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قانون سازي جي عمل ۾ ڊبليو پي سي کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد چيو ته ڊاڪٽر شاهده رحماني قانونسازي ۽ بيورو ڪريٽڪ سطح تي اقليتي گروپن جي عورتن لاءِ ڊبليو پي سي جي حمايت کي يقيني بڻايو. هن پاڪستان ۾ اقليتي گروپن کان عورتن جي تحفظ لاءِ صوبن ۾ قانونسازي جي عمل کي جاري ??کڻ جي تصديق ڪئي.