ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير ??ير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ڪش??ير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم ??ستحصال ڪش??ير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ڪش??ير جي خاص حيثيت کي ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين جي زندگين کي ??کي?? بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم ??ستحصال ڪش??ير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.