اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ وچ ايشيا ۾ ٻٽي ??ستعمال جي شين جي برآمدي ڪ??ٽر??ل پروگرام تي ٻن ڏينهن واري علائقائي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۽ يورپي يونين جي تعاون سان منعقد ٿيندڙ ان علائقائي ڪانفرنس ۾ ڪرغزستان، منگوليا، پاڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، قازقستان، آمريڪا، يورپي يونين، گڏيل قومن جي سينيئر عملدارن ۽ ماهرن سميت گهڻ رخي ايڪسپورٽ ڪ??ٽر??ل رجيم جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 موجب شين ۽ ٽيڪن??لا??ي جي واپار تي عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان اسٽريٽجڪ واپاري ڪ??ٽر??ل جي قومي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. افتتاحي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اسرندڙ ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ٻٽي ??ستعمال جي شين ۽ ٽيڪن??لا??ي تائين پهچ جي حق تي زور ڏنو ۽ قومي سلامتي جي مفادن جي تحفظ ۽ جائز واپار کي آسان بڻائڻ جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي بابت پنهنجون سموريون ذميواريون پوري طريقي سان نڀائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جديد ائٽمي ٽيڪن??لا??ي سان گڏ فروغ پذير ٽيڪن??لا??ي جي هڪ ذميوار رياست طور پنهنجي عدم ڦهلاءُ جي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪ??ٽر??ل ڊويزن هارون رشيد شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي وسيع قانونسازي، ريگيوليٽري ۽ انتظامي فريم ورڪ بابت آگاهه ڪيو ته جيئن حساس سامان ۽ ٽيڪن??لا??يز جي منتقلي کي غيرپرامن استعمال طرف موڙڻ کان روڪي سگهجي. پاڪستان جون قومي ڪ??ٽر??ل لسٽون نيوڪليئر سپلائرز گروپ، ميزائيل ٽيڪن??لا??ي ڪ??ٽر??ل رجيم ۽ آسٽريليا گروپ سان پوري طرح هم آهنگ آهن ۽ ان جو ايڪسپورٽ ڪ??ٽر??ل رجيم اعليٰ ترين عالمي معيارن جي برابر آهي. بيان موجب علائقائي ڪانفرنس عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن ۾ علائقائي ۽ عالمي ڌرين سان پاڪستان جي مضبوط تعاون کي ظاهر ڪري ٿي. هي ڪانفرنس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 جي مقصدن موجب تزويراتي واپاري ڪ??ٽر??ل لاڳو ڪرڻ ۾ عالمي برادري جي هڪ اهم حصيدار طور پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ظاهر ڪري ٿي.