اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پيٽروليم ۽ ??ئس ??ي ڳولها ۽ پيداواري شعبي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ??ندي، ان کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني آهي. جڏهن ته پيٽروليم ۽ ??ئس ??ي ڳولها لاءِ پيداواري ڪمپنين ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم ۽ ??ئس جي شعبي ??ي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي نمائندن سميت نائب وزيرا عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، سيد محسن رضا نقوي، انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل ع??لد??ر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ۽ ??ئس ??ي ڳولها ۽ پيداواري شعبي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان پيٽروليم ۽ ??ئس جي پاڪستان ۾ ڳولها لاءِ 240 جاين تي کوٽائي ڪئي ويندي. وفد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جيڪي سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيو، اسان پيٽروليم ۽ ??ئس ??ي ڳولها ۽ پيداواري شعبي کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ، انهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ لاءِ توهان جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ ??ئس جي ذخيرن ??ي ڳولها اسان جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته پاڪستان مقامي سطح تي تيل ۽??ئس جي درآمد تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪندو آهي، وزيراعظم چيو ته مقامي ذخيرن جي پيداوار سان پاڪستان جو قيمتي ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهو لاءِ ٻارڻ ۽ ??ئس سستا ٿيندا. وزيراعظم لاڳاپيل ع??لد??رن کي شعبي جي سمورن مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ??ئي آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل ع??لد??ر، سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل هوندا، ڪميٽي شعبي جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم ۽ ??ئس جي ذخيرن ??ي ڳولها ۽ ترقي لاءِ پرڪشش پاليسي جوڙڻ لاءِ تجويزون تيار ڪندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم هن شعبي جي مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين سبب پيٽروليم ۽ ??ئس ??ي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنيون ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪنديون.سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ تيل ۽ ??ئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي تيل ۽ ??ئس ??ي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي منافعي جي مد ۾ ناڻو انهن جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ع??لد??رن کي شعبي جي سمورن مسئلن جي حل ۽ جوڙيل ڪميٽي کي جلد پاليسي تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.