بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي پنجن ڏينهن جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني ق??ادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چين جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چين جي ناليواري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوب?? ٽائيمز، چائنا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چائنا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنسي وزيراعظم جو انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوب?? ٽائيمز وزيراعظم جو مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم جي چيني گادي واري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي، مختلف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چائنا بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽيليويزن تي وزيراعظم جي دوري جي مختلف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون دوران چين جو سرڪا??ي دورو ڪيو. دو??ي دوران هن چين جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.