شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف اڄ چيني صدر شي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي و??يراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي ??ار??ي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ا??دا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي و??ثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخي و??ثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.