اب??ظه??ي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اب??ظه??ي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??ب??ظه??ي پهچڻ تي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ چيئرمين ص??ارتي درٻار شيخ منصور بن زايد النهيان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. استقبال ڪندڙن ۾ گڏ??ل عرب امارات ۾ پاڪستاني سفير فيصل نياز ترمذي، پاڪستان ۾ اماراتي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ۽ اعليٰ پاڪستاني ۽ اماراتي عملدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏ??ل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.