اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏهاڙي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو سٺ?? دوست هو، اسان کي سٺ?? خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُ??يل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺ?? دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُ??يل رهندو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اطلاع جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺ?? خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.