اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ??يندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر ب??ائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن پاران جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ??يو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ??يو ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چ??و ته سواءِ اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ??يو ويندو. ان حوالي سان وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي ان حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪئي. هن چ??و ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چ??و ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ??يندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر ب??ائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چ??و ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ??يو ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ??يو ويندو. اجلاس کي آگاهه ??يو و??و ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سان ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ??يو و??و ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ??يو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو و??و ته خساري وارن سرڪاري ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ??يو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر ب??ائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پري ڪواليفائيڊ پينل مقرر ??يو پيو وڃي.