رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس ج?? موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي، بل گيٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز جي پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته وزيراعظم پا??ستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس ج?? موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جو عنوان ”عالمي صحت جي ايجنڊا جي نئين وصف“ هو. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس ج?? مبارڪباد واري خط تي سندس ٿورا مڃيا. پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي دور دوران بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پا??ستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون. هن پا??ستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پراڻي تعاون تي بي ايم جي ايف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پوليو کان پا?? پا??ستان جي حتمي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ سمورن حصيدارن پاران مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. بلگ يٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز عمل کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني. بل گيٽس پا??ستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو خاتمو مستقبل جي نسلن کي هن موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ۽ بل گيٽس پا??ستان ۽ فائونڊيشن جي وچ ۾ حفاظتي ٽُڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته گيٽس فائونڊيشن پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي ۽ آءِ ٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري ٿو. فيبروري 2022ع جي مسٽر گيٽس ج?? پا??ستان جي دوري کي ياد ڪندي، وزيراعظم کيس پنهنجي سهولت موجب پا??ستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.