اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبل?? جي نئين چونڊيل ميمبر احس?? اقبال چيو آهي ته سمورين پارٽين جي ذميواري آهي ته هو مل?? کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پارليامنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ??ال??ائيندي هن چيو ته ڪا هڪ پارٽي مل?? کي بحرانن مان نٿي ڪٺي سگهي. سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته سمورين پارٽين کي متحد ٿي ميثاق معيشت تي ??ال??ائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ان ئي رفتار سان ٻيهر شروع ڪندي جنهن رفتار سان اسان 2013 ۽ 2018 ۾ ڇڏيو هو. هن چيو ته اسان اهو فيصلو پڻ ڪرڻو آهي ته اسان مل?? کي روانگي واپار ذريعي بحران مان ڪڍڻو آهي يا قرضن سان. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي انهن سمورن آپشنز تي ??ال??ائڻ گهرجي.