اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته ڀارتي ??يجنٽس پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارتي ??يجنٽس کي ٺوس ثبوتن تي ??راست ۾ ورتو ويو، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون ملوث هو، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح ??ي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ٻڌايو ته عالمي سطح ??ي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ??يجنٽس جا تفصيل موجود آهن، ٻن ڪيسز جا تفصيل شيئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آهن، جاچ مان خبر پئي ته ڀارتي ??يجنٽ يوگش ڪمار ان ۾ ملوث آهي، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارتي ??يجنٽس جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ايجنٽس جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي ??يجنٽ اجرتي قاتل جي ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي ??يجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح ??ي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتي ??يجنٽس جا اعترافي بي??ن به آهن جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آهن، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آهن، انهن ايجنٽسن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آهيون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي.