اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن ک?? مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رک??ي پوي ٿي. پنهنج?? مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رک??ي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو له??دا. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي ک?? مبارڪباد ڏني.