اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال شروع ٿيڻ تي جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي تقريب منعقد ڪرڻ تي مڪمل پابندي جو اعلان ڪيو آه?? ۽ عوام کي اپيل ڪئي آه?? ??ه اها غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ۽ نئين سال جي شروعات تي سادگي کي نظر ۾ رکي. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سال 2024ع جي آمد آه??، آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آه??ان ته نئين سال جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ پوري دنيا جي لاءِ خوشحالي ۽ امن جو پيغام کڻي اڀري. هن چيو ته جيئن ته توهان سڀني کي خبر آه?? ته فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج پاران ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو پيو وڃي، غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور تي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪش?? تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت شديد ڏک ۾ ورتل آه??. نگران وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي هيستائين اسرائيلي فوج جي ظلم سان 21 هزار کان وڌيڪ معصوم فلسطيني شهيد ٿي چڪا آه?? جن ۾ هڪ وڏو انگ معصوم ٻارن جو آه?? جيڪو لڳ ڀڳ 9 هزار جي ويجهو پهچي چڪو آه??. هن چيو ??ه اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ پاڪستان دنيا جي هر فورم تي مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو آه?? ۽ سدائين اٿاريندو رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن جي مدد جي لاءِ امدادي سامان جون 2 کيپ موڪلي چڪو آه?? جڏهن ته ٽئين کيپ به جلد ئي رواني ڪئي پئي وڃي، فلسطيني ڀائرن جي وقت سر امداد، غزه مان زخمين جي انخلا ۽ انهن جي علاج جي لاءِ پاڪستان حڪومت مصر ۽ اردن سان مسلسل رابطي ۾ آه??. هن چيو ته فلسطين جي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي سامهون رکندي ۽ پنهنجي مظلوم فلسطيني ڀائرن ڀينرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي تقريب منعقد ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي، ان موقعي تي آئون سمورن پاڪستانين کي به اها گذارش ڪريان ٿو ??ه اهي غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ۽ نئين سال جي شروعات تي سادگي کي نظر ۾ رکن.