ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي ??رد??ن خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وف??قي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي ??رد??ن خان ڊومڪي تعليم واري وف??قي وزير طرفان صوبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وف??قي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لاءِ ??ائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي ??رد??ن ڊومڪي نگران وف??قي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرا??ين??ي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ??ارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وف??قي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وف??قي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ??ائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان سميت چئني صوبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻا??ين??ي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليم?? نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وزير، نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وف??قي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.