اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امداد رواني ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگرا?? وزيراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ بيٺل آهيون. نگرا?? وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، في??ڊ اسپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. نگرا?? وزيراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.