نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي مس??سل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هان زينگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي سان ڀرپور هئي جيڪا ??اڪ??تان چين سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري جي سڃاڻپ رهي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي ت??اون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم ??اڪ??تان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ جي 20 جي ڪنهن به اجلاس جي انعقاد جي چين جي سخت مخالفت عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري جي لاءِ چين جي اصولي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني نائب صدر هان زينگ چيو ته پاڪ چين دوستي منفرد آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي ڪري وقت بوقت ايندڙ تبديلين جو مقابلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ويجهي پاڙيسري ۽ مضبوط ڀائر جي حيثيت سان ??اڪ??تان چين جي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو ۽ چين ??اڪ??تان جي بنيادي مفادن جي ت??فظ ۽ ??اڪ??تاني عوام جي معاشي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ??اڪ??تان ۾ سي پيڪ منصوبن تي مس??سل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي ٻنهي ڌرين ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظه??ر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن تي پڻ اطمينان جو اظه??ر ڪيو. هن گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي ت??اون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چيني نائب صدر هان زينگ ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي رفتار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني نائب صدر کي جلد کان جلد ??اڪ??تان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.