اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي آخري 15 مهينن دوران دنيا سان پاڪستان جي رابطن ۾ بهتري آئي آهي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديل جي بحران، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت اهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي و??ارت ۾ سفارتي ڪور جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. آجياڻي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي و??يرن، اسلام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن سميت گڏيل قومن جي ذيلي تنظيمن جي نمائندن ۽ پرڏيهي و??ارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ته هن پنهنجي دور ۾ مختلف ملڪن سان رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي گذريل سال موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻو پيو، جديد دنيا جي چئلينجز کي سرحدن سان روڪي ??ه ٿو سگهجي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪ??ي گذريل سال ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو مثال آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي اڪيلي حل ??ه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ڪ??دار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کي ٻين شريڪ ملڪن جي حمايت کانسواءِ نتيجاخيز بڻائڻ ممڪن نه هو. پرڏيهي و??ير ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چونڊن کانپوءِ سياسي استحڪام طرف گامزن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي و??ير طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏنو. هن پرڏيهي و??ارت جي ڪم ۾ ڀرپور دلچسپي ۽ ڪردار تي پاڪستان جي سفارتڪارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جا سفارتڪار پرڏيهي و??ارت ۽ ٻاهرئين ملڪ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي سفارتڪارن کي ٻڌايو ته هن پرڏيهي و??ارت کي ملڪي سياست کان جدا ڪندي نج پيشيواراڻي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پرڏيهي و??ير عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڏيڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڪنهن به حڪومت جي لاءِ ڊيليور ڪرڻ جو واحد رستو وفاقي ۽ صوبائي پارليامينٽن سميت ادارن کي مضبوط ڪري هدفن ۽ مقصدن تي ڌيان ڏيڻ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن جي آجياڻي ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. سفارتي ڪور جي ميمبرن پرڏيهي و??ير پاران حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ کان الوداعي تقريب منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي و??ارت جي قدم کي ساراهيو.