اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابط?? جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپا?? کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??هڙ?? خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايرا?? جي نامزد سفيرن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ج?? کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائ?? جي نامزد سفير ماريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان فلپائن سان تعاو?? جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪس??ان ۽ فلپائ?? جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان پاڪس??ان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان اقتصادي رابط?? کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪس??ان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادري?? کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪس??ان جي لاءِ نامزد سفير?? کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.