اسلام ??با??-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي م??رو?? ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينديون، عمران خان جون ڌمڪيون، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چ??و آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف مسلسل گندي، نفرت انگيز ۽ بدنيتي تي ٻڌل مهم ۾ مصروف آهي، مختلف پراڪسين جو استعمال ڪري آرمي چيف تي قاتلاڻي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ جي سندس چال بري طرح بي نقاب ٿي چ??ي آهي. وزيراعظم چيو ته رياستي علامتن تي منظم طريقيڪار سان منصوبه بندي سان ڪيل حملي جي ناڪامي کان پوءِ واضح ٿي چ??و آهي ته هو اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ بي چين آهي، کيس خبر ناهي ته ڌمڪين، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چ??و آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي گندين حرڪتن ذريعي هو صرف پنهنجو پاڻ کي بي نقاب ڪري رهيو آهي ۽ سندس بنيادي مقصد ذاتي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي اقتدار تي قبضو ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون آرمي چيف ۽ هٿياربند فوج سان جبل وانگر گڏ بيٺل آهن، پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي م??رو?? ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا.