اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اه??ر ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جي رڪارڊ برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي فوري طور تي منه?? ڏيڻ تي پنجاب جي نگران وڏي وزير ۽ پنجاب جي ٻين آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??اه??ر ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جون رڪارڊ برساتون پيون. آئون وڏي وزير کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن تاريخي برساتن کا??پوءِ صورتحال کي منه?? ڏيڻ ۾ سڀ کا?? اڳتي وڌي قيادت ڪئي. هن چيف سيڪريٽري پنجاب، ڪمشنر ??اه??ر، ايم ڊي واسا ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن جي ان مشڪل وقت ۾ عوامي خدمت جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم کي پڻ ساراهيو.