اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي ??رڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ??لله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي ??سليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي ??مورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ??رقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي ??مورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ??ن جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ??نهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي ??يڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي ??وشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي ??نهن معمارن، شهيدن ?? محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي ??فاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي ??انين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اسان ??ي ان عظيم عبادت ??ي ان جي ??وح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي ??وفيق عطا فرمائي.