اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ليسڪو جي رٽائرڊ ملازم جي اپيل منظور ڪري ورتي، 2 لک رپيا بطور شادي گرانٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ا??ارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن. محمد آصف ليسڪو ۾ ملازم هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ ”شادي گرانٽ“ جي لاءِ درخواست ڏني، ليسڪو پٽ جي شادي جي 2 سالن کانپوءِ درخواست ڏيڻ تي درخواست رد ڪئي، شادي گرانٽس جي ضابطي موجب سموريون درخواستون شادي جي تاريخ جي 6 مهينن جي اندر پهچڻ گهرجن. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب ??ان رجوع ڪيو جنهن ليسڪو جي بدانتظامي ثابت نه ٿيڻ تي شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو. بعد ۾ شهري وفاقي محتسب ??ي فيصلي جي خلاف صد?? کي اپيل داخل ڪئي. صد?? وفاقي محتسب ??ي فيصلي جي خلاف محمد آصف (شڪايت ڪندڙ) جي درخواست قبول ڪري ورتي. صد?? چيو ته ملازم جي شادي گرانٽ جي حقدار هجڻ تي ڪو اختلاف نه آهي، سواءِ ان جي ته درخواست دير سان جمع ٿي، سرڪاري ا??ارا ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن ته جيئن اهي پنهنجي حقن کان محروم نه رهن. صد?? شهري جي اپيل منظور ڪري ورتي، ليسڪو کي 30 ڏينهن ۾ ملازم کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ملازم کي پٽ جي لاءِ 2 لک رپيا ”شادي گرانٽ“ طور ادا ڪري. هن چيو ته قانون کان اڻڄاڻائي جي ڪري ماڻهو وقت تي فائدو کڻڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، اسان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي، افسوس ته ملازم پنهنجي حق کان اڻڄاڻ هو، ٻين کان خبر پئي ته پٽ جي شادي جي لاءِ گرانٽ ملڻ ممڪن آهي، اها سرڪاري ا??ارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن.