اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان ال??ب??رڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ال??ه تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مب??رڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مب??رڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته ال??ه تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن مب??رڪ مهيني جي برڪت سان ال??ه تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. ال??ه تعاليٰ اسان سڀني جو ??ام?? ۽ ناصر هجي.