اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان د??ست?? ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن ج?? اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان ج?? گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان ج?? ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.