اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سائفر ۽ آمريڪي سازش جي ڪه??ڻي دفن ٿيڻ کانپوءِ ه??ڻي عمران خان جي قتل جي هٿ ٺوڪي ڪه??ڻي کل جوڳي آهي، فارن ايجنٽ ٻاهر ويٺل ڀڳوڙي ايجنٽن جي ذريعي سازش ڪرائي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان دشمن ايجنڊا بي نقاب ٿي چڪي آهي، فارن فنڊنگ ڇو ٿي؟ معيشت جي تباهي، ورڇ ۽ شهيدن ??ي خلاف مهم ان جي غلط ذهن جو ثبوت آهي.