اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏ??و آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏ??و ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آ??ي. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏ??و. وزيرا??ظم چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آ??ي. وزيرا??ظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آ??ريڪا جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏ??و ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سينيٽر شومر وفد پاران وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.