اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد ج?? ??اء?? هڪ مانيٽرن?? ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي آهي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه ه??ند?? ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصلن تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو ??ارومدار قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد ج?? ??اء?? هڪ مانيٽرن?? ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي ه??ند??. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه ه??ند?? ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ??اص معاون محمد ج??انزيب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو ??جلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.