پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غ??رمتعدي مرضن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سياسي قيادت ۽ ميڊيا سميت سڀني ڌرين جي فعال ڪردار جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي بيمارين کان بچڻ جي ل??ءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو، انهي احتياط سان ڪورونا جهڙي موذي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي (ڪي ايم يو) ۾ غيرمتعدي مرضن بابت ٿيندڙ ٽئين عالمي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس دوران خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر عابد جميل، نگران وڏي وزير اعظم خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غ??ام علي، وائيس چانسلر ڪي ايم يو ڊاڪٽر ضياءَ الحق ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر جو پنڊال ۾ پهچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ کيس عالمي ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ڊاڪٽرن، صحت جي ماهرن، اسڪالرز، ڪي ايم يو جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪينسر سميت گهڻيون بيماريون غيرمتعدي هو??ديون آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته شروعاتي مرحلن ۾ علاج سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڦڦرن جو ڪينسر به قابل علاج آهي، جيڪڏهن وقت سر سُڃاڻپ ٿي وڃي، جيڪڏهن دير سان سُڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته حياتي کسيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي ل??ءِ متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن بابت عوام ۾ آگاهي ل??ءِ ميڊيا تي خاص طور تي مارننگ شوز دوران خصوصي پروگرام نشر ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جي ل??ءِ اڳ کان موجود صحت جي پاليسين کي عملي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان وٽ سڀئي گهربل پاليسيون موجود آهن پر ان تي عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي معيشت ۽ قومي وسيلن تي غ??رمعمولي دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن معاشي ۽ وسيلن ۽ آبادي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ آبادي ۽ غربت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ جهيڙن سان شايد ئي ڪو مقصد هجي پر قومي ترجيح مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ڊاڪٽر ڪميونٽي کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي ل??ءِ ذهني طور تي تيار ڪن ۽ علاج جي دوران پنهنجي مريضن کي قائل ڪن. هن چيو ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن مان آيل ڊاڪٽرن جي ل??ءِ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ رهندي اهي ملڪ جي اندر آساني سان مختلف مريضن جو علاج ڪري سگهن. ڊاڪٽرن جي ل??ءِ ملڪ جي اندر سهولتُون هو??ديون ته اهي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندا.