اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي ??اء?? ريليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي ??اء?? قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي ??اء?? صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ??اء?? دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا کي زلزلي جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ترڪيه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چ??و ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي ??اء?? ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چ??و ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانيون ٿي چڪيون آهن. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي ??اء?? هڪ ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڪاروباري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريليف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي ??اء?? پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار بطور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو و??و ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي ??اء?? قائم ريليف فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. وزيراعظم چ??و ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشن?? بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.