خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پ??ڻي ڪڍڻ جي لاءِ قد??ن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تع??قي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قد?? تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهي?? ۽ ??يو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.