اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پ??ري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پور?? قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان?? قوم پ??هن??ي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پ??ري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پ??ري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ت?? پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي اها جدوجهد جاري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جا??ي رهندي.