اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪي?? ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪي?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??ڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪي??يٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي??يٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪي??ن وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪي??ن وڃن، ڪي??يٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوب?? جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪي?? ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪي?? وڃي.