اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جنر?? نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فوج جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جنر?? نديم رضا سان ڳالهه ٻولهه ڪند?? چيو ته ??وه??ن جي خدمتن تي فخر آهي، ??وه??ن جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي انتهائي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف جنر?? نديم رضا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? نديم رضا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.