شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد ??هباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزي??اع??م ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزي??اع??م شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزي??اع??م جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزي??اع??م شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزي??اع??م سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزي??اع??م شهباز شريف سان لبنان جي وزي??اع??م نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزي??اع??م شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزي??اع??م شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزي??اع??م تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزي??اع??م ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.