اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريب?? جي مشڪلات?? جي خ??تم?? لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انه?? جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران م??ڊي?? سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خا?? جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کا?? راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خا?? ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستا?? جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.