ڪراچي – 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پ??پل?? پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ادارن کي ن??انو بڻائڻ واري حڪمت عملي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي جڏهن ته پ??پل?? پارٽي ادارن کي ن??انو بڻائڻ واري پاليسي ??ي نه مخالف ڌر ۾ ھوندي حامي رھي ۽ نه ئي وري ھاڻي حڪومت ۾ ھوندي ان جي حامي آهي ـ اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان ادارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ عمران خان کلي سياست ڪري، اسان سياسي ??نتقام وٺندڙن مان نه آهيون. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ اشتعال انگيزي، نفرت ۽ تعصب کي هٿي ڏئي ڪري به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندو. اي پي پي/ ص – ع / م – ش 20:35