اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي ??سيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بن?? مقابلي قومي ??سيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي ??سيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپ??ي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي ??سيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپ??ي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بن?? مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس ??هد?? جو حلف ورتو.