اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي اڳواڻ چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته سياسي استحڪام جو بهترين ر??تو چونڊون آهن، ??لڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو حصو آهي، اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ميڊيا سانڳ ال??ائيندي ڪئي، چوڌري ف??اد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي سان گڏوگڏ اسان کي ڏسڻو پوندو ته آرٽيڪل 63 اي جي خلاف ورزي ٿي يا نه، ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر خريد ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چيو ته اهو ڪهڙو مٽيريل هو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته بي اعتمادي رٿ نٿي ٺهي، اهو مٽيريل ڊاڪٽر بابر اعواڻ پيش ناهي ڪرڻو، ان تي ان ڪئميرا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اهو مٽيريل اٽارني جنرل يا وزيراعظم جو وڪيل ان وقت پيش ڪري سگهن ٿا جڏهن عدليه انهن کي پيش ڪرڻ ??ي اجازت ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان ??ي اندر جلد کان جلد سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، سياسي استحڪام لاءِ اسان کي ال??ڪشن طرف وڃڻ گهرجي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري ڊالر جو اگهه 186 روپين تي پهچي ويو آهي جيڪڏهن اهو عدم استحڪام جاري رهيو ته اسان معاشي بهتري لاءِ جيڪي قدم کنيا هئا اهي به ضايع ٿي ويندا، چوڌري ف??اد حسين چيو ته سياسي استحڪام لاءِ بهترين ر??تو چونڊون آهن، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جو به مطالبو هو ته ??لڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اسيمبلي تحليل ٿي وئي آهي، هاڻي پٽيشن اها آهي ته اسيمبلي صحيح طريقي سان تحليل ناهي ٿي ان کي بحال ڪيو وڃي، اسان بي اعتمادي رٿ آڻيون ۽ پوءِ حڪومت کي موڪليون، هن چيو ته مخالف ڌر جي سوچ انهن جي پيرن تي محدود آهي، ??لڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو.