اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پن??نج?? جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پيپلزپارٽي هڪ طرف جمهوريت جي چيمپئين هجڻ جي د??ويٰ ڪندي آهي ته ٻي طرف پُرامن احتجاج برداشت نٿي ڪري سگهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس فوري طور تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي آزاد ??ري. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گ??فت??ري تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪوم?? جو غير جمهوري رويو سڀني تي ظاهر ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي جو مارچ پنجاب کان ٿيندو اسلام آباد تائين پهتو پر ڪٿي به ڪو ڪيس يا رڪاوٽ نه هئي. مملڪتي وزير چيو ته پيپلزپارٽي شايد سياسي قدر به وساري چڪي آهي، اها ڪهڙي جمهوري حڪومت آهي جيڪا پرامن احتجاج ڪرڻ وارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته جهڙي طرح رات جو سنڌ پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گ??فت??ري لاءِ ڇاپا هنيا، ايئن ڏوهاري پيشيور عنصرن کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪن ها ته ڏوهن تي ضابطو آڻي وٺن ها، اهڙي ڪريل حرڪت تي بلاول کي جواب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي هاڻي انهن کي جمهوري قدر به سيکارڻا پوندا.