اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته آئُون موسم خراب هجڻ ج?? ڪر?? ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون جلد موقعو ملڻ ت?? ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتو?? ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته آئُون ڪرم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ته موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي سگهي، ان لاءِ آئون توهان کان معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون توهان کي ??وڻ چاهيان ٿو ته توهان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ته آئون توهان وٽ ايندس ۽ توهان سان ڳالهيون ڪندس.