اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مخدوم شاهه م??مو?? قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر م??مو?? ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دو??ي جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاق??ت ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاق??ت ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغ??نس??ان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.