اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پاران سال 2021ع ??وران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراه?? ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع ??وران 33196 نيون ش??اي??ون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ ش??اي??ن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 ش??اي??ن مان 18000 کان وڌيڪ ش??اي??ون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 ش??اي??ن مان 25231 ش??اي??ن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 ش??اي??ن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل ش??اي??ن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده ش??اي??ن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيدارن جي ش??اي??ن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.